Saturday, July 21, 2018

هڪ سفر جي ڪھاڻي

هڪ سفر جي ڪھاڻي
……………………………..
اسان ٻار ٿي ڄمياسين
۽ پوءِ وڏا ٿي وياسين..
اهو هڪ سفر هو
جنھن اسان کي لاشعور جي ڪُنئري هنج مان کڻي
شعور جي پٿرائين دنيا ۾ آڻي اڇلايو،
پر الميو اهو ڪونھي؛
الميو اهو آھي
تہ وقت جو اهو سفر
اسان جي ڪَنڊائين واڳ
تحت الشعور جي کُھرن هٿن ۾ ڏيئي ويو آھي…
اسان جي فطرت جيتوڻڪ ساڳي آھي،
پر اسان شعور
لاشعور ۽ تحت الشعور جي ٽُڪرن ۾ ورهائجي
ڀاڱا ڀاڱا ٿي ويا آھيون…
هاڻ اسان جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ويٺل ٻار
اسان کي ننڍپڻ جي انھن ئي رستن تي
رولاڪيءَ لاءِ ايلاز ڪندو رهي ٿو،
جن رستن تي ڳُوڙھن وِيچارن جا پٿر نہ هئا،
جن رستن تي غم فڪر جا ڪي بہ ڪنڊا نہ هئا،
اُتي فقط معصوم شرارتن جا خوبصورت گل هئا
۽ انھن گلن تي
خوشي جي رنگن وارن
مُرڪن ۽ ٽھڪن جي پوپٽن جا ڦيرا هئا…
اُتي صرف مٽيءَ ھاڻن هٿن سان ٺاهيل
ننڍڙا ڪچا گهر هئا
جن اندر خوابن جون پريون رهنديون هيون!
اسان ننڍا ٻار ٿي ڄميا هئاسين
۽ هاڻ وڏا ٿي ويا آھيون،
سڀ ڪجهہ بدلجي ويو آھي
پر فطرت اڄ بہ نہ بدلي آھي،
اسين پنھنجي اندر ۾ اڄ بہ اهي ئي ننڍا ٻار آھيون،
اسان جو اندر، جِتي اڄ بہ
رڳو دل جو حڪم هلي ٿو،
پر وقت جَي سفر
اسان جي ٻاهرين وجود کي
شعور جي دنيا ۾ آڻي اڇلائي ڇڏيو آھي،
جنھن تي ذھن جو احساسن کان عاري حڪمران
راڄ ڪري ٿو
۽ اسان تي پنھنجا فيصلا مَڙھي ٿو…

اسان هاڻي ننھن کان چوٽيءَ تائين
پنھنجي ئي ڳولا بڻجي ويا آھيون
اسان ڳوليون ٿا، تہ اسان ڪٿي آھيون؟
اسان جو وجود هاڻي
پنھنجو پاڻ سان هڪ جنگ بڻجي ويو آھي!
دراصل اسان هاڻ اسان نہ رهيا آھيون،
پروسيس آف سوشلائيزيشن جي فيڪٽرين ۾ ٺھيل
روبوٽ ٿي ويا آھيون!
…………………………………………………………………
اَمَر گُل

No comments:

Post a Comment