Saturday, July 21, 2018

وقت جي کنڊر مان نڪتل هڪ نظم

وقت جي کنڊر مان نڪتل هڪ نظم
…………………………………………………
هن سال جو سج بہ لھِي ويو…
ايئن ئي لٿو،
جيئن گذريل سال جو سج لٿو هو!
بدليو ڪجهہ بہ ڪونھي،
پر گهڻو ڪجهہ بدلجي بہ ويو آھي…
هاڻ اسان جي سوچ جَي سج جَي
اُڀرڻ ۽ اُلھڻ جو انداز تبديل ٿي ويو آھي…

اڳي اسان جو سج
کَمُو ۽ رَمُوءَ جي ٿََڪَ ۾ اُلھِي،
اَلُو ۽ وَلوءَ جَي آرس مان اُڀرندو هو..
هاڻ اهو سج
ڪِنگ ڪامي ۽ وِڪِيءَ جي سيلفين ۾ اُلھِي،
پرنس جِمِي ۽ نوميءَ جَي
کونگهرن مان اُڀرَي ٿو!

اڳَي اسان جو سج
گَئَو ڌُول جي کنگهہ ۾ اُلھِي،
رڍ جي ڪارَي ٻُوٿ مان اڀرندو هو..
هاڻ اهو سج
پوسٽ ماڊرن ازم جَي
”ڪلچر ليس“ ڪلچر جي نخرن جَي اوٽ ۾ اُلھي،
ڪارپوريٽ ڪلچر جَي ڌمچر جَي کيسَي مان اُڀري ٿو!
…………………………………………………………………..………
اَمَر گُل

No comments:

Post a Comment