Saturday, July 21, 2018

غزل

غزل
………
رَتيءَ جون رهاڻيون، گهڙيءَ ۾ وهاڻيون،
ورهين جا وڇوڙا، ڪٿي هن پڄاڻيون؟

لَڏيو ٿا وڃون ۽ ڇڏيو ٿا وڃون ڪجهہ،
کِلڻ جون ڪٿائون ، روئڻ جون ڪھاڻيون.

اکين مان ارپنا جا نياپا ٿَي ڇلڪيا ،
اسان جَوڳ ۾ پر ادائُون نہ ماڻيون.

اوهان جَي اچڻ سان ٽِڙيون مُرڪَ مُکڙيون،
اوهان جَي وڃڻ سان هُيون جَي ڪُماڻيون.

پُڇو يارَ ڇا ٿا ، سپنا تہ سپنا ،
اسان جَي اکين جون ننڊون ڀي اُڏاڻيون…

نراشا جا اَوٿر اُجهامي پيا پر ،
اسان جون هِي آسون ، نہ آھن اجهاڻيون !
…………
اَمَر گُل

No comments:

Post a Comment